سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو

سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو

سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو

سنڌو لکت جو بين الاقوامي لکتن سان لاڳاپو (ڪتاب): جي آر هنٽر جي لکيل هن ڪتاب جو ترجمو عطا محمد ڀنڀري ڪيو آهي ۽ جنوري 1995ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ڇپائي پڌرو ڪيو، هن ڪتاب ۾ قديم سنڌي لکت کي مختلف تهذيبن جي لکت سان ڳنڍڻ کي ظاهر ڪيو ويو آهي. مختلف لکت جي نمونن جي مدد سان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سنڌو لکت جو مصر، سمير، سافا، ايلمي ۽ اٿوپيا سان ڳانڍاپو رهيو آهي. هن ڪتاب جو مقدمو ڊاڪٽر نواز علي شوق، ليکڪ پاران جي آر منٽر، مهاڳ ايس لئنگڊن لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ لکت جون نشانيون ۽ مثال تفصيل سان ڏنل آهن. ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب ڪُل 343 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو